تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول 2

تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ممبئي يونيورسٽيءَ (هندستان) جي اردو شعبي جي سربراهه عبدالستار دلويءَ جي تحقيق جي ۽ ان جي اصولن بابت لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو ٻلديو مٽلاڻيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي موضوعن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي، جن ۾ هيٺيان باب شامل آهن. پهرئين باب ۾ تحقيق جي وصف، تحقيق جو مقصد ۽ ان جا ارتقائي اصول ۽ ٻئي باب ۾ تحقيق جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. انهن مان جن قسمن تي خاص روشني وڌي وئي آهي، اهي هي آهن: تجرباتي تحقيق، تاريخي تحقيق، تنظيمي تحقيق، عالمي تحقيق، ادبي تحقيق ۽ تحقيق ۽ تنقيد. اڳتي هلي ادبي تحقيق جي درجي بندي ڪري هيٺين عنوان ۾ ورهايو ويو آهي: (1) حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ، (2) تنقيدي ويچار ۽ (3) مڪمل تحقيق، ان کانپوءِ ليکڪ، محقق ۽ رهنما جي عنوان هيٺ، محقق ۽ رهنما جون وصفون سمجهايون آهن. هن باب ۾ محقق جي صلاحيت، تحقيق جي لاءِ گهربل سهولتون، موضوع مطابق رهنما جي چونڊ، رهنما جي صلاحيت ۽ منجهس گهربل قابليت، رهنمائي لاءِ ڪي اصول، رهنمائيءَ جا مرحلا، تحقيقي عمل جا مرحلا، موضوع جي مواد جا وسيلا، موضوع جي چونڊ ۽ معيار، تحقيقي عمل جي نموني جو خاڪو، مواد جي حاصلات، مواد جا قسم، مواد جي حاصلات جا وسيلا، مواد جي درجي بندي، مواد جو جائزو، تحقيق جو طريقه ڪار، لائبرريءَ جو استعمال، ڪارڊن تي ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ، لائبرريءَ ۾ ڪتابن جي درجي بندي وغيره موضوعن کان سواءِ تحقيقي حوالي سان رسالن جي باري ۾ لکيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز ۽ ڪچي جلد سان 124 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو.، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو